ريڊ انڊين

ريڊ انڊين

ريڊ انڊين

ريڊ انڊين

ريڊ انڊين

ريڊ انڊين

ريڊ انڊين

ريڊ انڊين (Red Indian): اُتر آمريڪا جا ڏيهي رهاڪو ’ريڊ انڊين‘ سڏيا ويندا آهن، جن کي ’اتر آمريڪي هندي‘ به چوندا آهن. ريڊ انڊين، پندرهين صدي عيسويءَ ۾ يورپين جي اچڻ کان اڳ هزارن سالن کان هن کنڊ ۾ آباد هئا. اڪثر محققن جو ان ڳالهه تي اتفاق آهي ته اتر آمريڪا جي انساني تاريخ ان وقت شروع ٿي، جڏهن ديسي آمريڪين جا ابا ڏاڏا قديم زميني پُل ذريعي هتي آيا. اها زميني پل ڪو زمانو اڳ بيرنگ سمنڊ تي هئي ۽ اتر آمريڪا کي اتر- اوڀر ايشيا سان ملائيندي هئي. سائنسدانن کي اهو يقين آهي ته انهن ماڻهن جي آمد اٽڪل ڏهه هزار سال اڳ ۾ ٿي، مطلب ته انهن جي آمد جو سلسلو آخري برفاني دؤر جي خاتمي کان اڳ ۾ ٿيو.
ديسي آمريڪين يعني ريڊ انڊين ماڻهن پنهنجي فطري وسيلن جي استعمال ۾ بهترين صلاحيتون ڏيکاريون ۽ پنهنجي زندگيءَ جو ڍنگ مقامي آبهوا مطابق اختيار ڪيو. هزارن سالن جي عرصي ۾ سموري اتر آمريڪا ۾ هنن ماڻهن جي ڪري ثقافتي علائقا آباد ٿيا. هنن علائقن ۾ آباد ديسي آمريڪي گروهن ۾ زندگيءَ جا مختلف انداز ۽ ڍنگ مروج هئا، ان هوندي به اهي ٻين ديسي ماڻهن سان ثقافتي هڪجهڙائي رکندا هئا. پندرهين صدي عيسويءَ ۾ جڏهن يورپي مهم جُو اچڻ ۽ آباد ٿيڻ شروع ٿيا ته اتر آمريڪي باشندن (ريڊ انڊينز) کي نون چئلينجن کي منهن ڏيڻو پيو. نون آيل ماڻهن سندن رهڻي ڪهڻيءَ جي ڏانءَ ۽ زندگيءَ جي طور طريقي کي بدلائي ڇڏيو. پوءِ به ويهين صديءَ عيسويءَ ۾ ديسي آمريڪي آباديءَ جي ثقافت ۾ بهتري اچڻ شروع ٿي. هن وقت به ديسي آمريڪي آبادي پنهنجي حيثيت ۽ سڃاڻپ مڃرائڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهي ۽ اهي پنهنجي حڪومت، معيشيت ۽ ثقافت تي ضابطو رکڻ جو اصرار ڪن ٿا.
اتر آمريڪا جا ماڻهو مختلف اصطلاحن سان سڃاتا ويندا آهن، اڪثر ماڻهو جيڪي قبائلي به آهن، پنهنجي قبيلي جي سڃاڻپ کي ترجيح ڏين ٿا، جيئن هوپي، موهاڪ يا چيروڪي، ديسي آمريڪي يا آمريڪي هندي (Red Indian) وغيره، جڏهن ته ڪجهه عرصي تائين صرف ’انڊين‘ اصطلاح مروج رهيو هو.
ڪرسٽوفر ڪولمبس ۽ ٻين يورپي سياحن جڏهن آمريڪا ۾ قدم رکيا ته اُهي اهو ئي سمجهندا رهيا ته اُهي ايشيا ۾ پهتا آهن، جيئن اسپين وارن کين ’انديز‘ چيو. هنن مقامي ماڻهن کي Indios جو نالو ڏنو، جيڪو اڳتي هلي ’انڊين‘ ٿي ويو، جڏهن ته ڪجهه محققن جو خيال آهي ته ’انڊين‘ اصطلاح جو ڪارڻ يا سبب تسميه ’Indios‘ نه پر ’Dios‘ يعني ديوتا آهي.



لفظ ريڊ انڊينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو